حسني قادري حاجي شاهه جيلاني

حسني قادري، حاجي شاهه جيلاني: حسني قادري سيد عبدالقادر المعروف حاجي شاهه جيلاني، حسني قادريءَ، نورائي شريف ۾ سيد سخي بچل شاهه رح جي گهر، 9 ذوالحج جي ڏينهن تي جنم ورتو. سيد حاجي شاهه غوث اعظم دستگير ’بادشاهه پير‘ جي سترهين پيڙهيءَ مان، وقت جو وڏو داناءُ، سخنوَر ۽ ولي الله هو. سندس ولادت جيئن ته 9 ذوالحج تي ٿي هئي، ان ڪري کيس حاجي شاهه سڏيندا هئا. شريعت جو پابند هو ۽ اڪثر وقت زهد، تقويٰ ۽ عبادت ۾ گذاريندو هو. ننڍي هوندي ئي سندس شهرت هنڌين ماڳين هُلي وئي. غير اخلاقي ۽ غير شرعي بيهودي ڳالهين تي سخت ناراض ٿيندو هو. روايت موجب هڪ دفعي سيوهڻ ۾ حضرت لعل شهبازرح جي درگاهه تان حاضريءَ بعد اتي مسجد ۾ ذڪر ۾ مصروف هو ته ڪيترا ماڻهو سندس آمد جو ٻُڌي اچي گڏ ٿيا، جن ۾ هڪ فاحشه به هئي، جا سر جهڪائي نوِڙت سان ويٺي هئي. پير صاحب کانئس پڇيو ته، ”مائي! تون هتي مردن ۾ ڇو ويٺي آهين؟“ مائيءَ وراڻيو ته، ”سائين اوهان جهڙي نيڪ ٻانهي جو ٻڌي آئي آهيان، اوهان جي قدمن ۾ ويهڻ چاهيان ٿي ته متان مون بدڪار جي قسمت بدلجي پوي.“ اهو ٻڌي پير صاحب وراڻيو، ”مائي پوءِ بُري پيشي سان واسطو ڇو ٿي رکين؟“ مائيءَ وراڻيو، ”سائين، خانداني پيشو اٿم، سو ڇڏيندي شرم ٿو اچي!“ اهو ٻڌندي پير صاحب دانهن ڪئي ۽ بيهوشيءَ جي ڪيفيت ۾ اچي ويو ۽ مٿو منبر سان لڳائي خاموش ٿي ويو. سڀ ماڻهو سڪتيءَ ۾ اچي ويا ته پير صاحب کي الائي ڇا ٿيو. مائيءَ ڊڄندي ڊڄندي پير صاحب کي چيو، ”سائين! مون گناهگار کان ڪهڙي خطا ٿي، جو اوهان تي اهڙي ڪيفيت طاري ٿي؟“ پير صاحب ڪجهه دير بعد ڳالهايو ۽ چيائين، ”مائي، ڏوهه تنهنجو ناهي، پر تو مون کي پنهنجو خانداني پورهيو ياد ڏياري ڇڏيو. مون پنهنجو سهڻو خانداني پورهيو ڇڏي ڏنو... جيتوڻيڪ توکي پنهنجي بُري ڪم ڇڏڻ تي به ندامت ٿئي ٿي!“ پير صاحب جي اهڙي گفتگوءَ جو مائيءَ سميت سمورن ماڻهن تي گهرو اثر ٿيو ۽ چون ٿا ته اها عورت اڳتي هلي هڪ عارف خاتون بڻجي وئي.
حاجي شاهه جيلاني وفات واري رات پهرين مريدن، ڳوٺ وارن ۽ پوءِ گهر وارن کي سڏي اهم وصيعتون ۽ نصيحتون ڪيون ۽ پنهنجي فرزند کي ياسين شريف پڙهڻ لاءِ چيو ۽ ڪلمهء شهادت پڙهي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. سيد حاجي شاهه حسني قادريءَ جو وصال 19 شوال 1363هه تي ٿيو. سندس مزار درگاهه نورائي شريف ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1363.10.19  هجري

حاجي شاهه حسني قادريءَ جو وصال 19 شوال 1363هه تي ٿيو. سندس مزار درگاهه نورائي شريف ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پائلا
ديوان شيوارام ڏيون مل وزيراڻي
ٿڌاڻي هوتچند
گرو تيغ سنگهه بهادر
ايس آر راءُ
جاويد قاضي
پريتم پياسي
دينا واڊيا
سعدالله مفتي
ابڙو نجم الدين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون